اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آه?? ته سرينا چؤڪ منصوبو 60 ڏينهن ۽ ايف نائن پارڪ منصوبو 100 کان 120 ڏينهن ۾ مڪمل ٿيندو، مارگله ايڪسپريس کي موٽر وي سان ڳنڍڻ سان ايوان صدر ۽ وزيراعظم هائوس کان موٽر وي جو سفر 15 کان 20 منٽن ۾ طئي ٿي سگهندو. فيض آباد پُل کي ڪشادو ڪرڻ، راول ڍنڍ روڊ، مارگلا روڊ کي بهتر ڪرڻ ۽ مجموعي طور تي اسلام آباد جي خوبصورتيءَ کي يقيني بنائڻ اسان جي اولين ترجيح آه??. ڏکڻ ايشيا جو سڀ کان ڊگ??و جهنڊو اسلام آباد ۾ لڳائينداسين. اهڙو اظهار هن ايف نائن منصوبو، سرينا چؤڪ منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف ٻنهي منصوبن جو باقائده پيڙهه جو پٿر رکيو. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، گهرو معاملن بابت قومي اسيمبليءَ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو چيئرمين خرم نواز، قومي اسيمبلي ميمبر انجم عقيل خان، طارق فضل چوڌري سميت ٻيا اسيمبلي ميمبر ۽ معزز شخصيتون تقريب ۾ موجود هيون. تقريب کي خطاب ڪندي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته اسان لاءِ اڄ اهم ڏينهن آه??، سرينا چؤڪ ۽ ايف نائن پارڪ منصوبي جو ڪائونٽ ڊائون اڄ شروع ٿي ??ڪو آه??. سرينا چؤڪ منصوبو 60 ڏينهن ۾ مڪمل ٿيندو، اهڙي طرح ا??ف نائن منصوبو 100 کان 120 ڏينهن دوران مڪمل ٿيندو. هن چيو ته اسلام آباد جي خوبصورتيءَ تي سي ڊي اي تمام ڪم ڪيو، اسان ايس سي او تي اسلام آباد کي جهڙيءَ طرح خوبصورت بڻايو آه??، هاڻ اسان جي ڪوشش آه?? ته ان کي مستقل بنيادن تي برقرار رکون. ايندڙ ڏينهن ۾ اسان جون سموريون شاهراهون اهڙيءَ طرح رات جو به روشن رهنديون. هن چيو ته اسلام آباد ۾ فائيو اسٽار هوٽلز جي گهٽتائي آه?? ان کي پورو ڪرڻ لاءِ ٻن جاين جي چو??ڊ ڪئي وئي آه??. ان مقصد لاءِ ايندڙ ڏينهن ۾ ٻن پلاٽن جي نيلامي ڪنداسين ۽ يقيني بڻائينداسين ته جيڪو پلاٽ وٺي اهو فوري طور تي فائيو اسٽار هوٽل بڻائي، اهڙيءَ طرح ننڍن هوٽلن جي پلاٽن جي نيلامي ٿي ??ڪي آه??، انهي مُدي دوران وزيراعظم سفاري پاڪ جي پيڙهه جو پٿر رکندو. گهرو وزير چيو ته فيض آباد چؤڪ جي پُل کي ٺيڪ ڪرڻو آه??، فيض آباد چؤڪ جيڪو راولپنڊي کان اچي رهيو آه?? ا??و جام ٿي ويندو آه??، اهو منصوبو به ٻنهي ميگا پراجيڪٽس سان گڏ مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته پرائيويٽ سيڪٽر جي مدد سان اسان ڏکڻ ايشيا جو سڀ کان ڊگ??و جهنڊو اسلام آباد ۾ لڳائينداسين.