اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان کي بي شمار معاشي چئلينجز درپيش آهن، اسان ترق??ات?? بجيٽ جي غلط استع??ال جي سٽ نٿا سهي سگهون، اسان کي قرضن بدران ملڪي وسيلن تي ڀروسو ڪرڻو پوندو، 2035ع ??ائين پاڪستان کي هڪ ارب ڊالرن جي معيشت بڻائڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. اهڙو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ پي ايس ڊي پي 24-2023ع جي سالياني جائزي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ احسن اقبال چيو ته موجوده معاشي حالتن ۾ ترق??ات?? بجيٽ بڻائڻ وڏو چئلينج هو، ترق??ات?? بجيٽ جي استع??ال ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا پيا وڃن، ڪنهن جي نااهلي جو نتيجو معاشي بحران جي صورت ۾ ڀوڳي رهيا آهيون، هن چيو ته 2013ع ۾ ترق??ات?? بجيٽ رڳو 340 ارب روپين تائين محدود هو، اسان 2018ع تائين ان کي هڪ هزار ارب روپين تائين پهچايو. 2018ع ۾ نالي ماتر تبديلي مڙهي نه وڃي ها ته اڄ اها ترق??ات?? بجيٽ 3 هزار ارب روپئين تائين پهچي چڪي هجي ها. اڄ 2024ع ۾ مشڪل سان 1100 ارب جي ترق??ات?? بجيٽ تي پهتا آهيون. 1100 ارب روپين جو بجيٽ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان کي ترق??ات?? منصوبن تي ڪيتري قدر سمجهوتو ڪرڻو پيو. هن چيو ته ظلم اهو آهي ته 2018ع ۾ ترق??ات?? بجيٽ جو 12 سيڪڙو هو اڄ گهٽجي چار سيڪڙو تائين اچي ويو، جيڪڏهن ملڪ ۾ پاليسي جو تسلسل هجي ها ته اڄ ترق??ات?? بجيٽ 15 سيڪڙو تائين پهچي چڪو هجي ها. وزارت ۽ صوبائي حڪومتن جي ذميواري آهي ته هو ترق??ات?? بجيٽ جو ??طا??بو يا منصوبو ٺاهيندي وقت قومي ترجيحن جو خيال رکن.وفاقي وزير چيو ته اسان ترق??ات?? بجيٽ جي غلط استع??ال جي سٽ نٿا سهي سگهون، ترق??ات?? بجيٽ جي حوالي سان اسان کي پنهنجي ترجيحن جو نئين سري سان تعين ڪرڻو پوندو. اڄ بجيٽ، سبسڊيز، پگهارن ۽ پينشن سميت ڪيترائي معاملا قرضن ذريعي هلايا پيا وڃن. هن چيو ته 2035ع ??ائين پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر جي معيشت بڻائڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. اسان کي قرضن بدران ملڪي وسيلن تي ڀروسو ڪرڻو پوندو. حڪومتي آمدني وڌائڻ ۽ خرچن ۾ توازن قائم ڪرڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته اهڙن منصوبن جي شروعات ئي نه ڪئي وڃي جنهن جو عوام جي زندگين تي ڪو به اثر نه هجي.