اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته پاڪستان جي ترقياتي سرگرمين ۾ مسيحي برادري جو نمايان ڪردار آهي، حڪومت مذهبي اقليتن جي ڀلائي ۽ تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ کانسواءِ اقليتن جي لاءِ پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين جي م??صو?? سيٽن ۾ اضافو ڪيو آهي ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا پڻ م??صو?? ڪئي آهي. اه?? ڳاله هن آرچ بشپ آف ڪنٽريبري جسٽن ويلبي کي پاڪستان جي حڪومت پاران مذهبي اقليتن جي ڀلائي لاءِ کنيل قدمن جي حوالي سان بريفنگ ڏي??دي چئي.